لانگ مارچ خوني هوندو ته ان کي روڪيو ويندو: مريم اورنگزيب

لاهور ( م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير چور، سازشي ۽ ڪرپٽ آهي ته اهو عمران خان آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان چوي ٿو ته لانگ مارچ خوني هوندو، جيڪڏهن مارچ خوني هوندو ته ان کي روڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف جو بخار، صبح، منجهند شام عمران خان تي چڙهيو پيو آهي. هن کي اهو ڏک آهي ته شهباز شريف پارليامينٽ ذريعي جمهوري طريقي سان ڇو اقتدار ۾ آيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران کي اتحادين واعدا پورا نه ڪرڻ تي ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.