سنڌودرياءُ ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: سنڌي ادبي سنگت

حيدرآباد(پ ر) سنڌي ادبي سنگت مطالبو ڪيو آھي ته بنا دير سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي ڪئنالن ۾ پاڻي ڏئي کوٽ ختم ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، عورت جوائنٽ سيڪريٽري نذير ناز، جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني، خزانچي نعيم ملڪ، آڊيٽر قادر جاگيراڻي ۽ پريس ترجمان نجيب چانڊيو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ آھي جنهن سبب ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آھن جڏهن ته چوپايو مال توڙي پکي پکڻ اُڃَ ۾ مري رهيا آھن، تنهن هوندي به ملڪ جا حڪمران خاموش تماشا بڻيل آھن، جن جي رويي مان ايئن لڳي رهيو آھي ته ڄڻ سنڌين جو ڪو وارث ئي ڪونهي نه وري ڪو دانهن ڪوڪ ٻُڌڻ لاءِ تيار آھي.

ڪراچي ۾ پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي واٽر بورڊ بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ناصر شاهه، شرجيل ميمڻ، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، خاص مددگار وقار مهدي، نجمي عالم، واٽر بورڊ جي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي چوري ۽ زيان جي خاتمي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي جنهن جو چيئرمين مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه هوندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، واٽر بورڊ جا چيف انجنيئرز شامل هوندا. وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ نجمي عالم به ٽاسڪ فورس جو حصو هوندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽاسڪ فورس ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ لاڳاپيل انجنيئرن سان گڏجي غير قانوني ڪنيڪشن، هائيڊرنٽس ۽ پاڻي چوري خلاف وڏو آپريشن ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته واٽر بورڊ جي بلڪ ۽ ڊسٽريبيوشن سسٽم تي الڳ مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي مختلف واٽر سسٽم تي ميٽر لڳايا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي سموري ڊسٽري بيوشن سسٽم جي ميپنگ ڪري ۽ وڌيڪ چيو ته شهر جي مختلف علائقن کي آبادي جي حساب سان پاڻي فراهم ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته واٽر بورڊ کي پنهنجو مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ جديد ميپنگ سسٽم ذريعي پنهنجي سمورن ڊسٽري بيوشن سسٽم جي بحالي به شامل هجي. هن چيو ته مانيٽرنگ سسٽم کانسواءِ ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.