تونسا،چشما ڌاڙيل واهه آهن، فوري طور بند ڪيا وڃن: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ مسلسل ظلم ڪيو پيو وڃي،وفاقي حڪومتون سدائين سنڌ دشمن فيصلا ڪري سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻنديون رھيون آھن، ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم، ڪڏھن ڀاشا ڊيم، ڪڏهن ڪو ٻيو ڊئم ته ڪڏھن وري ٿل ڪئنال جو بم ڪيرائي سنڌ کي ھميشه لاءِ تباھ ڪرڻ جا منصوبا سامھون آندا وڃن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو ته  اقتدار جي جنگ دوران موجود وفاقي حڪومت پاڻي جي مسئلي تي سنڌ سان ظلم  ڪري رھي آهي، سنڌ ۾ ھن وقت سخت ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي اياز لطيف پليجي چيو ته  تونسا پنجند، چشما جھلم لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، اھي فوري طور تي بند ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.