پاڻي جو وزير پ پ جو،پوءِ به سنڌ ۾ بحران آهي: جلال محمود شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته سنڌ اندر پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جون زمينون سڪائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. ڄامشورو ۾ آبادگارن جي وفد سان ڳالهائيندي سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ خراب حڪمرانيءَ سبب پاڻيءَ جي ورڇ منصفاڻي نموني نه ٿي رهي آهي، وفاق پاران پاڻيءَ بابت جيڪي به اجلاس ٿي رهيا آهن اتي سنڌ جي حڪمرانن جا چپ سبيل نظر اچي رهيا آهن جنهن جو سڌو سنئون نقصان سنڌ جي عوام کي ٿي رھيو آھي. سنڌ جا حڪمران گذريل 14 سالن کان سنڌ جي عوام لاءِ  زرعي استعمال لاءِ پاڻي ته ٺهيو پر پيئڻ جي پاڻيءَ جو بندوبست به نه  ڪري سگهيا آهن. سنڌ جي عوام کي اهڙن حڪمرانن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي ۽ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ کين عبرتناڪ شڪست ڏيڻ گهرجي هن چيو ته  حيرت جهڙي ڳالھ آهي ته وفاق اندر پاڻيءَ جو وزير پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل آهي تهن هوندي به سنڌ جو عوام پاڻيءَ جي ڦُري لاءِ ترسي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.