”رياست مخالف“ وڊيوز تي بول جي اينڪر خلاف جاچ

اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي بول نيوز جي اينڪر پرسن سميع ابراهيم خلاف مختلف پليٽ فارمز تي ”رياست مخالف“ وڊيوز ۽ بيان نشر ڪرڻ تي جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي، ايف آءِ اي جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سميع ابراهيم تي الزام هنيو ويو آهي ته هو ” رياستي ادارن“ جي باري ۾ جعلي خبرون ڦهلائڻ ۾ ملوث آهي، سميع ابراهيم اهڙيون دعوائون ڪيون آهن جيڪي هٿياربند فوج جي اهلڪارن کي ڀڙڪائڻ جون واضح ڪوششون آهن، هن ٻاهرين ملڪ رهڻ دوران ميڊيا ذريعي پاڪستان ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ايف آءِ اي چيو آهي ته سميع ابراهيم کي انڪوائري دوران پنهنجي دفاع ڪرڻ جو پورو موقعو ملندو ۽ جيڪڏهن هو پنهنجو دفاع ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ٿو ته هن خلاف جاچ بند ڪئي ويندي، پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيو ته هن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو ، بيان ۾ چيو ويو ته هن جي ٻاهرين ملڪ هئڻ ڪري هن خلاف انٽرپول جو ريڊ وارنٽ جاري ڪيو ويندو ۽ هن جو نالو اي سي  ايل ۾ وڌو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.