ڪراچي ۾ پوليس مقابلا، 7 زخمي ڏوهارين سميت 17 گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو )  ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ الڳ لڳ پوليس مقابلن ۾ 7 زخمي ڏوھارين سميت 17 ڏوھارين کي گرفتار ڪندي ھٿيار گوليون , منشيات , موبائل فون , موٽرسائيڪلون ۽ روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي . ناظم آباد ٿاڻي جي حد پاپوش نگر جي علائقي ۾ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس مقابلي جي دوران پوليس ٻن ڦورن شڪيل ولد مشتاق ۽ اقبال ولد جاويد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پوليس 2 ٽي ٽي پستول گوليون , موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي . اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون بلاڪ ڊي سليم آباد جي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي دوران پوليس ٻن ڦورن گلشير ولد محمد رمضان ۽ فضل آمين  ولد نورالقمر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،  گلشن معمار ٿاڻي جي حد گبول ڳوٺ جي اي 25 بس اسٽاپ جي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس مقابلي ۾ جوابدار حيدر عباس ولد گل حسين زخمي حالت ۾ پستول ۽ گولين سميت گرفتار ,  اورنگي ٽائون  سيڪٽر 9E جي ڀرسان پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو عابد الرحمن ولد نواب خان ۽ عابد علي ولد صادق گرفتار ڪيا ويا  ايس ايس پي اولھ فرخ رضا ملڪ جي ھدايتن تي اولهھ پوليس مختلف علائقن  ۾ ڪاروائي ڪندي 8 ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو . مومن آباد ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪارروائي ڪري انتهائي گهربل منشيات وڪرو ڪندڙ ڀائرن دانش پٽ محمود ۽ خالد کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 97 گرام ڪرسٽل، 19 گرام هيروئن ۽ هڪ لک 4 هزار روپيا روڪ هٿ ڪيا آهن. ٻئي پاسي سرجاڻي ٽائون ٿاڻي جي پوليس به هڪ منشيات وڪرو ڪندڙ امام بخش عرف چريا کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ڪلو 265 گرام چرس هٿ ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ جو اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف مارچ جو اعلان ڪندي ئي اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. حڪومت مخالف لانگ مارچ لاءِ تحريڪ انصاف پنهنجو پلان فائنل ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ ۽ وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي، لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي مختلف شهرن کي جام ڪيو ويندو، ان حوالي سان وڏن شهرن جي بندش لاءِ پوائنٽون طئي ڪيون ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر گرفتارين جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تي عمل ٿيندو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.