حيدرآباد ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر سبب نينگر چيڀاٽجي فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڀرسان معصوم نينگر تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي  فوت ٿي ويو. ھوسڙي ڀرسان بھار ڪالوني وٽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ نينگر جي فوت ٿيڻ وارو واقعو پيش آيو. 12 ورهين جو نينگر اياز پٽ شڪيل بهاري موٽرسائيڪل تي سوار هو جنهن کي ٽرڪ ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. نينگر کي سندس وارث علاج لاءِ اسپتال ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع تي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا جن ٽرڪ ڊرائيور خلاف احتجاج به ڪيو. ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ ڇڏي فرار ٿي ويو.  جڏهن ته هوسڙي پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ننڍي عمر جا ٻار موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون گاڏيون عام جام هلائين ٿا، پر پوليس کين روڪڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته اهڙن ٻارن جا وارث به پنهنجي ٻارن کي گاڏيون ڏيڻ کان انڪار نٿا ڪن. ننڍي عمر جي ٻارن پاران گاڏيون هلائڻ جي ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.