صالح ڀنڀرو هاءِ اسڪول ۾ڊيسڪ تي ويهڻ تان هاريءَ جي پٽ مٿان وحشياڻو تشدد

سامارو ( ن ع آ ) ساماري ڀرسان صالح ڀنڀرو ھاءِ  اسڪول  ۾ سيٽ تي ويھڻ تان شاگرن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي اٺين ڪلاس جو شاگرد بابو پٽ اميدو ميگھواڙ  زخمي ٿي پيو، جنهن  کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. نينگر جي چاچي ميوو ميگھواڙ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي دانهيو ته بااثرن جي اولاد منهنجي ڀائيٽي کي هاري جو پٽ چئي سيٽ تي ويهڻ تان تشدد ڪيو، جنهن ۾ نينگر سخت زخمي ٿي پيو.هن چيو ته اسڪول انتظاميا ۽ پوليس غريب ھئڻ ڪري اسان کان پڇڻ لاءِ تيار ڪونھي. ھن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.