ڪنب (ن ع آ) ڪنب لڳ ڳوٺ احدي خان راڄپر ۾ سيد ۽ شيخ برادري جي گهرن کي پراسرار طور باه لڳي ويئي ڀاه لڳڻ ڪري پنجن کان وڌيڪ گهرن جن ۾ شبير شاه محبوب شاه قرارشاه بادل شيخ ۽ ٻين جي گهرن ۾ پيل هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان وڌيڪ سامان ۽ چوپايو مال ٻاهر منتقل ڪري وڏي ڪوشش بعد باه تي ضابطو آڻي ورتو۔جڏهن ته باه متاثر کليل آسمان هيٺان ويٺل آھن۔