مٺياڻي لڳ ڪوچ جي ٽڪر ۾ پورهيت چيڀاٽجي فوت، ٻيو زخمي

مٺياڻي ( ن ع آ )مٺياڻي لڳ ڳوٺ ڪرڙ خان ڀٽي ۾ عيد کان پوءِ مزدورن کي ڪراچي کڻي ويندڙ ڪوچ جي ھيٺان ٻـ نوجوان اچي وڃڻ سبب ھڪ ڄڻو  ذيشان پٽ خادم حسين ڪوري  چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏھن تـ ٻيو نوجوان بابر ڀٽي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سندس وارث نوشھروفيروز اسپتال کڻائي ويا.   فوتي نوجوان جي عمر 15 سال ۽ ڳوٺ سابن شاهه  جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي جڏھن تـ زخمي بابر ڀٽي ڳوٺ ڪرڙ ڀٽي جو رھواسي آھي، اھڙو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو ،واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪو ڀي ڪيس داخل نـ ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.