پني عاقل لڳ سرڪاري ٻيلي کي چوٿون ڀيرو باهه، لکن جا وڻ سڙي ويا

پنوعاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو )پنوعاقل ڇانوڻي لڳ سنڌ جي تاريخي سرڪاري ٻيليءِ کي چوٿون دفعو باھ لڳڻ ڪري لکين رپين جا سرڪاري وڻ سڙي رک ٿي ويا،گذريل ٻن سالن کان گرمين ۾ جي موسم ۾ ھزارين ايڪڙن سرڪاري زمين تي مشتمل سلطانپور ٻيلوءُ کي فاريسٽ کاتي جي ملازمن جي سازش تحت چوٿون دفعو ٻيليءِ ۾ بيٺل وڻن جن ۾ سرنھن،ٽاري،ٻٻر،سنبل،ڪنڊي،لوءُ،کٻڙ ،ڪئيڙ سميت مڙني ننڍن وڏن وڻن کي باھ جي لپيٽ ۾ آڻي ساڙي رک ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان ڪرايو ويو آھي،سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ڳوٺن کان سوين ماڻھون ٻيليءِ وٽ پھچي قاضي واھ ۽ ڀرپاسي علائقن وٽان فائيربرگيڊيون گھرائي باھ تي  ضابطي آئڻڻ جا اطلاع آھن،ھوڏانھون اھيو به چيو وڃي ٿو ته ٻيليءِ کاتي جا ملازم گذريل ٻن سالن ۾ چوٿون دفعو سرڪاري قيمتي ُڻن کي باھ ڏئي ڪٽرائي لکين رپين ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا،جڏھن ته ٻيليءِ جي ڪيترن علائقن وٽ لڳل باھ کي وسائي ھزارين ايڪڙن تي چوڪڙيون زمين ٺاھي اتي پنھنجا پنھنجا قبضا ڪري پوکون ڪري رھيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.