باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

باڊهه (ن ع آ ) باڊهه تعلقي موومينٽ ڪنوينر ڪامريڊ علي محمد بروهي، ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ  قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي باڊهه پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن دودو ديشي، عزيز بروهي، علي انور عسڪري، ڪامريڊ محمد علي خشڪ، ڪامريڊ منور نوناري، اصغر نوناري، استاد الطاف پٺاڻ، استاد قمر جت، شهزادو لاکير، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، شفقت نوناري، علي رضا نوناري، سرويچ منگي، محمد امين سيال، واحد سنڌي، جي ايم چنجڻي، نادر سومرو، افضل سانڀل، فيصل بروهي، علي زهري، سرائي سوڍو سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر ڏيڍ لک آبادي ۽ 14 وارڊن تي مشتمل لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي جيڪو آبادي ۽ ايراضي جي لحاظ کان تعلقي جو حقدار آهي، باڊهه شهر جي تباهي جا ذميوار تڪ جا چونڊيل نمائندا آهن جيڪي اليڪشن مهم دوران ووٽ وٺڻ مهل وڏا ڀاڪر ڀريندا آهن پر پنهنجن مقصدن جي پورائي ٿيڻ بعد هو باڊهه واسين سان ملڻ به پسند نه ڪندا آهن. پيپلز پارٽي جي گذريل 15 سالن جي دور حڪومت ۾ باڊهه شهر کي هڪ به ترقياتي پيڪيج نه ڏنو ويو آهي.جيڪا پارٽي اليڪشن کان پهريان باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن آڻي ڏيندي ووٽ ان پارٽي کي ڏنا ويندا. ٻئي صورت ۾ باڊهه تعلقي موومينٽ جي پليٽ فارم تان پنهنجا اميدوار بيهاري پيپلز پارٽي جي مخالفت ڪئي ويندي.پ پ  اعليٰ قيادت ۽ وڏو باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي پنهنجا واعدا پاڙي باڊهه واسين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن ملڻ تائين اسان جي هي جدوجهد جاري و ساري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.