گهوٽڪي فيڊر ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، قادرپور ۾ احتجاج

قادرپور ( رپورٽ : شهبان تلائي ) سنڌ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي جڏهن ته گڊو بئراج مان نڪرندڙ گهوٽڪي فيڊر ۾ به زرعي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي، ان سلسلي ۾  آل سنڌ ايريگيشن ٽرينڊ يونين فيڊريشن سنڌ جو صدر ميان عبدالرحيم ڀارو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن عندالفتح ڀٽو، عبدالسمع ڀٽو، علي نواز شاهنواز سومرو ،منور ڀٽو ،حضور بخش ڀٽو، شعبان تلائي ۽ ٻين گهوٽڪي فيڊر جي مين پل ڪچي کي پڪي سان ملائيندڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ميار عبدالرحيم ڀارو چيو ته  شروعات واري آبادگارن کي به پوکن لاءِ پاڻي نٿو ملي ته پوءِ پڇڙي جي آبادگارن کي ڪئي ملندو هن چيو ته پنجاب جي واهن کي پاڻي ڏنو ويو آهي پر سنڌ سان ظلم ڪيو ويو آهي هن چيو سنڌ جا آبادگار هن وقت پريشان آهن فصل سڪي رهيا آهن  اگر وقت تي پاڻي نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسان سان گڏجي سنڌ پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هڻي هاڻي سنڌ جي آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي جيڪو اسان برداشت نه ڪنداسين، ان موقعي آبادگارن وڌيڪ  چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي به ختم ٿي ويو آهي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب اسان فصل کي ته نقصان ٿي پيو پر هاڻي جر جو پاڻي به ختم ٿي رهيو آهي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ ماڻهن مان بيچيني ختم ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.