ماءُ جو عالمي ڏهاڙو، خيرپور ۾تقريب، شهرين جي شرڪت

خيرپور ( ڊر )  ميڊيا باڪس آفيس خيرپور ۾ ماءُ جي عالمي ڏينهن تي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  ( ماءُ توکي سلام ) جي عنوان هيٺ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب جو خاص مهمان سردار زاده شيردل زاهد خان ڦلپوٽو جن هئا، ان موقعي تي  ضلعي ڪائونسل خيرپور جو اڳوڻو ميمبر خان محمد ڦلپوٽو، عبدالرشيد ڦلپوٽو، شاهنواز عباسي، محمد بخش جويو، شاهد حسين ڀٽي ، دانيال عباسي، نواب خان سيال ۽ ٻيا موجود هئا،  تقريب جي ميزبان ليکڪ ۽ صحافي شاهد نواز سيال پاران آيل مهمانن کي سنڌ جا ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي ماءُ توکي سلام تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته  جيجل ماءُ هرهڪ انسان لاءِ قدرت پاران ڏنل انمول تحفو آهي، ماءُ پنهنجي اولاد کي 9 مهينا پيٽ ۾ سانڍڻ بعد جنهن ڏکي تڪليف مان گذري  اولاد کي جنم  ڏئي هن رنگينن واري دنيا تائين پهچائي ٿي، اسان پنهنجي ماءُ جي عمر ڀر خدمت ڪرڻ باوجود  جنم ڏيڻ واري تڪليف جو ازلاو نٿا ڪري سگهون، هنن چيو ته ماءَ اولاد کي هرهڪ ڏک سک مٿان ڇپر ڇانوءَ بڻيل رهي ٿي، پاڻ بکون ڪاٽي به اولاد جو پيٽ ڀريندي رهي ٿي، اهڙي ماءُ کي سال ۾ هڪ ڀيرو نه پر هردم سلام پيش ڪرڻ گهرجي، اڄ ماءُ جي عاملي ڏينهن جن جون مائرو هن فاني دنيا مان لاڏڻو ڪري ويون آهن، ان لاءِ خاص دعا ڪري رهيا آهيون، ۽ جن جن مائرو زنده ، حيات آهن انهن کي هدايت ڪريون ٿا ته خداراه ماءُ کي ان جو جائز مقام ڏيو ، ته جيئن اوهانجي اولاد به اواهان سٺو سلوڪ اختيار ڪري، تقريب جي اختتام تي دنيا  جي ابتدا کان هن وقت تائين  جن انسانن جو امڙون ( مائرون)  وفات ڪري ويون آهن انهن لاءِ اجتماعي طور فاتح خواني ڪري، قل شريف پڙهي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ماءُ جي حق ۾ دعا ڪئي وئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.