رتوديرو لڳ ڪار جو چنگچي کي ٽڪر، 3 ٻارڙن سميت 6 زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڪار ڪنٽرول مان نڪري ٻن چنگچي سان ٽڪرائجي وئي نتيجي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ زنگيجا واسي عمران زنگيجو سندس گهر واري ناديه، چنگچي ڊرائيور محمد  امين سهاڳ، رتوديرو شهر جي عيدگاهه پاڙي واسي پورهيت علام عباس کوکر سندس ٻه نينگر 7 سالن جو علي رضا، 11 سالن جو محمد کوکر ۽ ٻئي چنگچي تي سوار قمبر واسي 8 سالن جو نينگر حمزالله پٽ سعيد احمد بروهي سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ڊاڪٽرن موجب زخمي عورت ناديه ۽ نينگر حمزالله بروهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي سهاڳ برادري سان واسطو رکندڙ زخمين جي وارث سجاد احمد زنگيجو ٻڌايو ته ڪراچي کان آيل منهنجو سنڍو عمران زنگيجو پنهنجي گهر واري ناديه سان گڏجي چنگچي تي ڳوٺ زنگيجا کان رتوديرو شهر مائٽن ڏانهن وڃي رهيو هو ته رتوديرو باءِ پاس وٽ تيز رفتار ڪار ڪنٽرول مان نڪري وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي زال مڙسن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين حادثي جي زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.