ميهڙ لڳ اهلڪارن پاران گهر ۾ گهڙي عورت جي تذليل، وڊيو وائرل

ميھڙ ( س ر ) ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران اي ايس آءِ غلام مصطفي سولنگي ۽ ٻيا پوليس اهلڪار ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گاهي  مهيسر ڀرسان هڪ گهر تي ڪاهه ڪري گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران عورت پاران مزاحمت ۽ گهر ۾ گهڙڻ جا وارنٽ پڇڻ تي پوليس اهلڪار عورت جي تذليل ڪندا رھيا ۽ ليڊي پوليس نه ھجڻ ته پوليس اھلڪار عورت کي ڌڪا ٿيلها ۽ وارن مان گهليندا رهيا جڏهن ته موقعي تي موجود ماڻهو عورت جي تذليل جي ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ھوڏانهن رابطي تي الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار ٻڌايو ته جوابدار شاهنواز ملاح ، ارشاد جوڳرو ۽ ٻين سان انور کوکر جو عدالت ۾ ڪيس هلندڙ هيو عدالت جوابدارن جي گرفتاري لاءِ حڪم ڪيو ۽ عدالتي حڪم تي جوابدارن جي گرفتاري لاء گھر تي چڙهائي ڪئي ته عورت مزاحمت ڪئي جوابدار گرفتار ڪرڻ نه ڏنا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.