اڪري پوليس جي چڙهائي، ڏوهاري نه ملڻ تي هٿين خالي واپس

اڪري چودڳي(ن ع آ)اڪري پوليس مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ساڻ ڪري ايس ايڇ او اڪري غلام شبير کهڙو جي اڳواڻي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ڏوهارين ۽منشيات فروشن خلاف ڪارائي ڪئي ويئي.  پوليس مختلف ڪيسن ۾ گهربل روپوش ڏوهاري معشوق چانڊيو جي گرفتاري لاء سندس گهر تي چڙهائي ڪئي پر ڏوهاري اڳواٽ خبر پئجي وڃڻ ڪري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس سندس گهر جي تلاشي وٺڻ بعد واپس ٿي ويئي ۽بعد ڳوٺ خدابخش هيسباڻي منشيات فروش ۽ڪچو شراب ٺاهيندڙ سبحان علي عرف ڊاڪٽر دڻي هيسباڻي جي بٺي تي ڇاپو هنيو جتان اڪري پوليس اٺ ڊرم ڪچي شراب جا ۽مختلف ڪچو شراب سامان ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪري ورتو ۽پوليس موبائلن ذريعي اٺ ڊرم شراب جا کڻي اڪري ٿاڻي تي پهچايا جڏهن منشيات جي اڏي تي ڇاپي لڳڻ کان اڳ۾ ئي منشيات فروش ۽ سندس ساٿاري فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا اڪري پوليس موجب مختلف ڏوهن ۾ گهربل ڏوهاري معشوق چانڊيو ۽منشيات فروشن سبحان هيسباڻي خلاف مختلف قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.