ميرپورٻرڙو ( رپورٽ: اطهر مهر ) مبارڪپور واسي سکر مدرسي ويندي 3 ڄڻا طالب علم پراسرا نموني گم مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ دين محمد ٽانوري جا رهواسي 3 ڄڻا 8 سالن جو عبدالباسط 7 سالن جو سعد ۽ 6 سالن جو محمد عامر ٽانوري ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي ڳوٺ کان سکر مدرسي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن هوڏانهن نيگرن جي وارثن ٻڌايو آهي ته اسان جا ٻارڙا سکر جي مدرسي ۾ دين تعليم پڙهندا جيڪي ٻن ڏينهن کان مدرسي ڪو نه پهتا آهن گهڻي ڳولا بعد ڪو ڏس پتو به ناهي مليو ڪنهن سان ڪا دشمني به ڪونهي نينگرن جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.