شر-بڊاڻي ڌرين خوني جهيڙو ختم ڪري ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

لکي غلام شاھ (رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ لڳ شر-بڊاڻي ڌرين خوني جهيڙو ختم ڪري ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، فيصلي جو اختيار جتوئي سردار فتح محمد خان حوالي ۽ شر برادري اڳرائي نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.رپورٽ موجب ڪجھه مهينا اڳ سکر ۾ قتل ٿيل شر برادري جي نوجوان بشير عرف جلال الدين جي قتل بعد چڪ لڳ ٻڍو ڳوٺ ۾ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي،جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسٽيپ فائونڊيشن، سنڌ امن ڪاميٽي ۽ جتوئي ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان شائستا کوسو، سيد رياض شاھ، سکر جي ڪاروباري شخصيت ديدار جتوئي، ڪامريڊ اڪبر جتوئي، اڳوڻو رٽائرڊ سول جج عمر جتوئي، پ پ اڳواڻ ڪامريڊ يوسف مهر، سماجي اڳواڻ حڪيم محبت علي اعواڻ، سردار اول خان شر، سماجي اڳواڻ غلام حسين جتوئي،دل مراد جتوئي نادر علي شاھ، ڪامريڊ عبدالجبار مهر، نبن  شر ۽ ٻيا سيد ۽ نياڻيون ميڙ ڪري مقتول بشير عرف جلال الدين شر واري ڌر وٽ پهتا، جن هنن ٺاھ لاءِ منٿ ڪئي جنهن تي شر برادري جي چيف مقدم علي بحر خان شر، مقدم قربان علي شر، احمد خان شر، غلام شبير شر ۽ ٻين ميڙ کي مان ڏيندي چيو ته اسان ٺاھ لاءِ راضي آھيون پر جوابدار ڌر ڳوٺ مان لڏي وڃي ته فيصلو ڪنداسين. مقدم علي بحر شر ان موقعي تي اعلان ڪيو ته شر برادري اڳرائي نه ڪندي، فيصلو جو اختيار سردار فتح محمد خان جتوئي کي آھي. ٻئي طرف بڊاڻي جتوئي ڌر پڻ آيل ميڙ کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. هنن چيو ته جيڪڏھن  فيصلي جي ڀڃڪڙي جي ڏوھ ۾ سردار فتح محمد، سردار ابراهيم جتوئي گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ته هو ضرور عمل ڪندا. هوڏانهن ميڙ منٿ قافلي ۾ آيل اڳواڻن  شائستا بلوچ، ڪامريڊ اڪبر جتوئي، ديدار جتوئي، ڪامريڊ يوسف مهر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي اميد کڻي ڌرين وٽ سيد نياڻيون ۽ چڱا مڙس ميڙ ٿي وياسين، ڌرين ٺاھ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آھي، اميد ته ميڙ کي مان ڏئي  ڪيل ڳالهين تي عمل ڪندا.

  • ان پور مهر  لڳ بوزدارن ۾تڪرار تيز، هڪ ٻئي تي فائرنگ

خان پور مهر (ن ع آ) خان پور مهر  جي پير بري واري  علائقي ۾ بوزدار برداري جي ٻن ڌرين ۾  هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي.نينگر  نزاڪت بوزدار سميت ٻن ڄڻن جي قتل کان پوءِ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن.قبيلائي جهيڙي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءَ واري صورتحال آهي.هوڏانهن ٻنهي ڌرين  هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪرڻ جا الزام هنيا آهن

  • ڊکڻ ۾ قبيلائي جهيڙي کان تنگ عورتن جو ٺاهه لاءِ احتجاج

ڊکڻ (ن ع آ) غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان داد جکراڻي ۾ٻن ڌرين الهڏنو جکراڻي ۽  فضل محمد جکراڻي ۾ چئن ورهين کان هلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ الهڏنو جکراڻي ڌر جي مردن ۽ عورتن، لال پري، حسنا خاتون، زينب خاتون، گل خاتون، سبحان، صاحبه خاتون، ۽ ٻين معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري ڊکڻ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته برادري جي فضل محمد ۽ برڪت جکراڻي  ڌر سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين  ٻنهي ڌرين جا چار ماڻهو قتل ٿي ويا آهن، اسان ٺاھ ڪرڻ چاهيون ٿا پر مخالف ڌر ٺاھ نه ٿي ڪرڻ چاهي، اسان جون زرعي زمينون غيرآباد آهن، اسان کي  فضل محمد جکراڻي وارا ٻني آباد نه ٿا ڪرڻ ڏين، بک تي دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون، ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي ڌرين جو ٺاھ ڪرائي، جيئن امن امان واري زندگي گذاري سگهون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.