اڳڙا ۾ پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو ڌرڻو، نعري بازي

اڳڙا (ن ع آ) اڳڙا ڀرسان ڳوٺ مرادمنڱلو جي رهواسين جو اڳڙا پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پوليس اسان جي دانهن  ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي رات اسان جي گهرن مٿان خادم منڱلو ساٿين سميت فائرنگ ڪئي آهي جيڪا دانهن اڳڙا ٿاڻي تي ڏني آهي پر اڳڙا پوليس اسان جي دانهن ٻڌڻ بجاءِ اسان کي داٻا ڏئي رهي آهي اسان مسڪين ماڻهو آهيون هو روپوش ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي احتجاج ڪندڙن جنهن ۾ عبداهادي منڱلو. غلام قادر. نويد احمد. عبدالرسول.  نعيم علي. ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گهر مٿان خادم منڱلو رات فائرنگ ڪئي آهي اڳڙا پوليس اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي،هنن ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ۽ وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان جو ڪيس داخل ڪيو وڃي اگر اسان سان انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.