سکر(رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران نوڪريون نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 54 مارڪون کڻڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ تي سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آصف ابڙو، بلاول ڀيو، شعيب احمد ۽ ٻين چيو ته آءِ بي اي سکر جي انتظامن هيٺ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ 50 کان 54 مارڪون کڻڻ باوجود گذريل 7 مهينن کان اسان کي آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جنهن سبب اسان جي حق تلفي ٿي رهي آهي. آءِ بي اي انتظاميا ۽ حڪومت اسان جا مطالبا تسليم ڪرڻ بجاءِ اسان کي مارڪون گھٽ کڻڻ جو ڪارڻ ڄاڻائي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.