پپري ۾ گهرو اڻبڻت سبب ڀيڻويي هٿان سالو قتل

ملير (ڊ.ر) پپري جي عيدو ڳوٺ ۾ گهرو اڻبڻت تان سالي ۽  ڀيڻويي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران سڄڻ مگسي فائرنگ ڪري پنهنجي سالي غلام حيدر مگسي کي زخمي ڪري ڇڏيو،جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڏنو. ٻئي طرف ايس ايڇ او بن قاسم موجب زخمي غلام حيدر مگسي فوت ٿيڻ کان پهريان پوليس کي پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو ته مون کي سڄڻ مگسي ۽ ساڻس گڏ آيل جوابدار گوليون هنيون آهن، پوليس واقعي واري هنڌ تان  پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون، جوابدارن خلاف بن قاسم ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.