فريدآباد ۾ ٻڪرين جي چوري جي الزام ۾ ھڪ ڄڻو گرفتار

فريدآباد  ( ن ع آ )فريدآباد  لڳ ڳوٺ علي بخش تيوڻو جي رھواسي علي اڪبر ڏيرو جي گھر مان 5 ڏينهن اڳ نامعلوم چور 4 ٻڪريون چوري ڪري ويا ھئا ـاڪبرڏيرو جون خبرون ميڊيا ۾ ھلڻ کان پوء فريدآباد  پوليس جي ڪامياب ڪاروائي ڪري شھر مان ٻڪرين جي چوري ۾ ملوث چور سردار ڏيرو پٽ خان ڏيرو کي پوليس ڏينهن ڏٺي جو گرفتار ڪري ورتو آهي سردار ڏيرو گرفتاري دوران پوليس سان منھن ماري ڪئي داٻا پريشر ڏيڻ لڳو پر پوليس ھڪ به نه ٻڌي کين گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ـ جڏهن ته علي اڪبر ڏيرو جي فرياد تي 4 ڄڻن نثار تيوڻو   ـ امام الدين تيوڻو  سميت چئن ڄڻن تي چوري جو ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي فريادي علي اڪبر ڏيرو چيو ته مان غريب مسڪين پورھيت آھيان ـ منهنجون چار ٻڪريون چوري ڪري ويا آهن ـ پوليس ھڪ چور کي گرفتاري ڪري ورتو آهي ٻيا به جلد گرفتار ٿيندا ـ  جڏهن ته فريدآباد  پوليس نثار تيوڻو  کي گرفتار ڪرڻ لاء مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آهي ـ

  • ميمڻ ڳوٺ پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، ست ڄڻا گرفتار

ملير (ڊ.ر) ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي جوا جي اڏي تي ڇاپو هنيو، ڇاپي  دوران ست جواري اويس، نبيل، انيق رحمان، شيرعلي، دانش، شعيب، شهمير کي گرفتار ڪري قبضي مان جوا تي لڳل روڪ رقم چاليهه هزار روپيه، موبائل فون ۽ تاش هٿ ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.