مقصودي رند لڳ ڳوٺاڻي کان ڦرلٽ

مقصودو رند(ن ع آ)مقصودو رند لڳ درياءَ خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس ٿاڻي جي حد نوابشاھ شھدادپور روڊ تي اڇي مسجد اسٽاپ وٽ ٽي نامعلوم ڦورو ڳوٺاڻي کي ھٿيارن جي زور تي روڪي کائنس سي.ڊي موٽر سائيڪل ڪيش رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا خبر موجب مقصودو رند لڳ درياءَ خان رند ايٽ مقصودو رند پوليس ٿاڻي جي حد نوابشاھ شھدادپور روڊ تي اڇي مسجد اسٽاپ تي ٽن نامعلوم ڦورن ھٿيارن جي زور تي ڳوٺ سومر ڦيراڻي جي رھواسي مختيار ڦيراڻي کي روڪي کائنس سي.ڊي موٽر سائيڪل 2015 ماڊل موبائيل فون 10ھزار ڪيش رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا واضع رهي ته مقصودو رند ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جو آزار وڌندو پيو وڃي پر حد جي پوليس اگھور ننڊ ستل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.