جوهي جي وارڊ 6 جي رهواسين جو پاڻي کوٽ خلاف خالي ٿانو کڻي ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ ) جوهي شهر جي وارڊ 6 جي رهواسين پاران واٽرسپلائي ذريعي پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف خالي ڊرميون مٽ  ڪولر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, رهواسين ايس يو پي جوهي صدر  غلام قادر لغاري, ايس ٽي پي جي اڳواڻ  يونس سولنگي, جسقم جي ڪامريڊ خادم باهوٽو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين دانهيو ته شهر جي ٻين وارڊن سميت سندن وارڊ ۾ واٽر سپلائي ذريعي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي, هنن چيو ته پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب شهري شهر ٻاهران پيٽرول پمپن تي لڳل خيراتي نلڪن تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته اڪثر شهري پيسن عيوض پاڻي ڀرائڻ تي مجبور آهن ,هنن چيو ته وارڊ 6 جي ڪافي پاڙن ۾ اڃا تائين لائينون ئي ناهن وڇايون ويون جنهن ڪري علائقي واسي پريشان آهن, هنن چيو ته پ پ جا چونڊيل نمائنده عوام جون تڪليفون دور ڪرڻ بجاء عوامي فنڊن تي راتاهان ھڻي رهيا آھن هنن چيو ته جوهي تعلقو سنڌ اندر واحد تعلقو آھي جتي ڇهن مهينن کان وڌيڪ انتهاء حد درجي جي گرمي رهي ٿي جوهي شھر اندر نوي پرسنٽ پيئڻ جو پاڻي پارو ٻاڙو آھي ۽ جر به سوين فٽن تي هيٺ لهي ويا آھن معصوم ٻار نياڻيو مرد عورتون ٻڍا ٻار پيئڻ جي پاڻي رات ڏينهن تڙپي رهيا آھن پ پ جا چونڊيل نمائندا ايم اين اي , ايم پي اي ڊي سي دادو رڳو عوام کي بنيادي حق  ملندڙ رليف تي ڌاڙا هڻي ڪميشن تي غلام حسين پنهور جهڙا پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ غير قانوني مقرر ڪرائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي جوهي شھر جي اوڀر طرف ڪچي آبادي رکندڙ علائقن اندر ٿيل قانون موجب ٽينڊر ٿيڻ با وجود به سياسي مخالفت سبب اهي سمورا ڪم بند ڪري ڇڏيا آھن هنن چيو ته جوهي تعلقو قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ با وجود شھري پيئڻ جي پاڻي سميت زندگي سان لاڳاپيل بنيادي سهولتن کان مسلسل پري آھن چونڊيو نمائندا غريبن جي بنيادي سهولتون غائب ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ غير قانوني طريقي سان پراپرٽيون ٺاهيون آھن هنن چيو ته جوهي جي اوڀر ۽ ڪاڇي جي اوله ۾ تيل گئس پرائيويٽ ڪمپنين مان ساليانو کربين رپين جو تيل گئس ڪڍيو پيو وڃي مگر رائلٽي ته ٺھيو مگر ڪمپني طرفان ڪٿي به پيئڻ جي پاڻي جو هڪ نلڪو به ناهن لڳرائي سگهيا هنن چيو ته شھرين جي پڻ جي پاڻي سميت سمورن بنيادي ملن جي حل لاء ھي جدو جهد مطالبن جي حاصلات  رت  جي آخري ڦڙي تائين جاري رهندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.