سڳيون ڀرسان سنڌوءَ ۾ وهنجندي نينگري ٻڏي فوت

سڳيون (ن ع آ)   سڳيون ڀرسان سنڌو درياءَ جي ڪناري  تي موهن جو دڙو ويجهو ڳوٺ گل ڪلهوڙو واسڻ 9سالن جي معصوم نينگري شڪيلا ولد سڪندر شيخ درياءَ جي ڪناري تي وهجندي ٻڏي فوت ٿي وئي، جنهن بعد وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٻڌايو  22 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ضلعي لاڙڪاڻي جي  انتظاميا ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو اگھور ننڊ ستل آهن، ڇو ته سنڌو درياءَ مان نينگري جو لاش ڳولهڻ لاءِ هنن ڪابه مدد ناهي ڪئي، اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت مقامي ٽوٻن سان مسلسل نينگري جي لاش جي ڳولھا ڪئي آهي، پر نينگري جو لاش هٿ ناهي اچي سگهيو، هنن ڊي سي لاڙڪاڻو، انساني حقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کان دردمنداني اپيل ڪندي چيو آهي ته، سندن معصوم ٻارڙي جو سنڌو درياءَ مان لاش ڳولهڻ ۾ مدد ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.