مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي جو ستين ڏينهن به احتجاج

مانجهند ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس يو پي سراپا احتجاج بڻيل آهي، جڏهن اڄ ستين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يوسف عمراڻي، اعجاز حسين ، بلاول ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن  شاهي بازار مان ريلي ڪڍي پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر جي پتلي جي علامتي جنازي نماز پڙھي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي وارن جي نااهلي سبب اسڪيم جي تلائن ۾ گندڪچرو ڀرجي ويو آهي، شهر جا فلٽر پلانٽ به هڪ مهيني کان بند پيل آھن، جنهن ڪري شهري قهر جهڙي گرمي ۾ اڃ وگھي تڙپي رهيا آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته فوري طور تلائن جي صفائي سٿرائي ڪري فلٽر پلانٽ کولي شهرين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.