مٽياري ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار پيرسن فوت

مٽياري ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار پيرسن فوت ٿي ويو.

جوڻيجا موري وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي، جتي سندس سڃاڻپ 60 ورهين جي شيخ ٽيئر واسي عمدالحميد خاصخيلي طور ٿي.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل پيرسن جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن حادثي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.