حيدرآباد مان اڻڄاتل نينگري جو واهه مان لاش هٿ آيو، سڃاڻپ نه ٿي سگھي

حيدرآباد مان اڻڄاتل نينگري جو  واهه مان لاش هٿ آيو، جيڪو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

شهر جي کٿڙ واري علائقي مان اڻڄاتل نينگري جو ڦليلي واھه ۾ لاش ترندو ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس پهچي نينگري جو لاش واهه مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، جيڪو سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري اسپتال پيل آهي.

پوليس موجب معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، نينگري جي لڳ ڀڳ 15،16 سال عمر هوندي، جڏهن لاش جي سڃاڻپ لاءِ مختلف ٿاڻن رابطو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.