خانپور مهر ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي ۽ گھرن تي فائرنگ خلاف احتجاج

خانپور مهر ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي ۽ گھرن تي فائرنگ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ سومر موري واسي پيرسن ربنواز ۽ اشرف علي لنڊ خانپور مهر پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هنن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته سندن ميرپورماٿيلي تعلقي ۾ واقع 2 ايڪڙ 16 گهنٽا زمين تي بااثر پانڌي، شاهزادو، ربن لنڊ ۽ ٻين بنا جواز پنهنجا هٿياربند ويهاري قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ گھرن تي فائرنگ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري زمين تي قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.