سعودي بادشاهه اسپتال داخل

 

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي بادشاهه سلمان کي اڄ آچر ڏينهن جدي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

سعودي عرب جي سرڪاري ميڊيا موجب شاهه سلمان جون اسپتال ۾ طبي ٽيسٽون ڪيون ويون آهن پر انهن جي نوعيت جي باري ۾ ڪجهه ناهي ٻڌايو ويو.

ڪجهه هفتا اڳ ئي شاهه سلمان جي پيس ميڪر جي بيٽري تبديل ڪئي وئي هئي.

سعودي بادشاهه وٽ سمورا اختيار هوندا آهن پر شاهه سلمان پنهنجو ولي عهد پنهنجي 36 ورهين جي پٽ محمد بن سلمان کي مقرر ڪيو آهي، جيڪو عام طور تي معاملا هلائيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.