عمران خان ڪهڙو ايٽم بم ٺاهيو جو آمريڪا هٽائڻ جي سازش ڪئي؟ مريم اورنگزيب

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي جواب ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪوڙو، پينو، سازشي هو يا آهي ته عمران خان  آهي، توهان چئو ٿا لانگ مارچ خوني مارچ هوندو، جيڪڏهن خوني مارچ هوندو ته ان کي روڪيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو عمران خان سان مخاطب ٿيندي چوڻ هو ته توهان چيو ٿا خوني مارچ ٿيندو، جيڪڏهن خوني مارچ هوندو ته ان کي روڪيو ويندو، چار سال توهان وزيراعظم رهيا، جيڪڏهن ڪنهن غلط ڪم ڪيو ته حساب ڇو نه ورتو.

هن چيو ته شهباز شريف جو بخار صبح، منجهند شام عمران خان تي چڙهيل آهي، توهان کي شهباز شريف جي ووٽ ۽ پارليامينٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ جو غم آهي، چور، نااهل ۽ ڪرپٽ وزيراعظم کي بي اعتمادي رٿ ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان کي ان جي اتحادين واعدو پورو نه ڪرڻ تي ڇڏيو، جيڪڏهن ڪو چور، ڪوڙو، سازشي آهي ته ان جو نالو عمران خان آهي، فرح گوگي تحريڪ ذريعي توهان ڌيان نٿا هٽائي سگھو، توهان ڪهڙو ايٽم ٺاهيو هو جو آمريڪا هٽائڻ جي سازش ڪئي؟

مريم اورنگزيب چيو ته ڪا سازش ناهي ٿي، عمران خان کي پنهنجي وڃڻ جو نه شهباز شريف جي اچڻ جو غم آهي، شهباز شريف هڪ به لوٽي جو وزيراعظم ناهي ٿيو، اهڙي وزيراعظم کي اقتدار مان ڪڍيو ويو، جيڪو اٽي، کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث رهيو، عمران خان دوائون، اٽو، کنڊ، گيهه بجلي ۽ گيس چوري ڪئي، شهباز شريف دوست ملڪن وٽ ترقي لاءِ ويو.

هن چيو ته 4 سال اپوزيشن ۽ ميڊيا جي زبان بند ڪئي وئي، تنقيد جيڪڏهن بهتري لاءِ هجي ته اسان سدائين ان کي قبول ڪيو آهي، صحافين سان جڏهن غنڊا گردي ڪئي وئي ته اسان انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئاسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.