اڄڪلهه جي اصل پاڪستاني عورت جو ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿي: ايمن سليم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا ايمن سليم تازو ئي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته هوءَ ڊرامن ۾ ڪهڙي طرح جو ڪردار ڪرڻ چاهي ٿي.

ايمن سليم تازو ئي گڏيل عرب امارتن جي مشهور انگريزي اخبار”خليج ٽائمز“ کي انٽرويو ڏنو هو.

ان انٽرويو دوران ميزبان، ايمن سليم کان هڪ دلچسپ سوال ڪيو ته توهان ڊرامن ۾ مصيبت ۾ گھيريل ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪرڻ کان ڇو ٿا گھٻرايو؟

ايمن سليم ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته منهنجي خيال ۾ هي هڪ گھڻو اهم سوال آهي پر پاڪستاني ٽيلي ويزن انڊسٽري لاءِ هڪ گھڻو ئي اهم موضوع آهي.

هن چيو ته في الحال هوءَ ان طرح جي ڪردارن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڇوڪري کي مصيبت ۾ گھيريل ۽ مجبور ڏيکاريو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ان جو ڪارڻ هي آهي ته مان اڄڪلهه جي اصل پاڪستاني عورتن جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.