ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بيٽر ويرات ڪوهلي اڄڪلهه ڪيريئر جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي ۽ هو انڊين پريميئر ليگ جي هلندڙ سيزن ۾ ٽيون ڀيرو پهرئين ئي بال تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ممبئي ۾ سن رائزرز حيدرآباد خلاف رائل چئلينجرز بينگلور لاءِ اننگز اوپن ڪندڙ ويرات ڪوهلي اسپنر جگديشا سچٿ جي بال تي آئوٽ ٿي ويو.
موجوده آءِ پي ايل ۾ اهو ٽيون ڀيرو آهي ته ويرات ڪوهلي کاتو کولڻ بنا پهرئين ئي بال تي آئوٽ ٿيو آهي.
33 ورهين جي اسٽار بيٽر 12 ميچن ۾ رڳو هڪ ففٽي جي مدد سان 216 رنسون ٺاهيون آهن.
ويرات ڪوهلي جي مسلسل خراب فارم کي ڏسندي کيس ڪجهه وقت وقفو ڪرڻ جي صلاح ڏني پئي وڃي.