”اندروني سهولتڪارن ذريعي مداخلت ڪري جمهوريت جو قتل ڪيو ويو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما چيو آهي ته پرڏيهي سازش ۾ اندروني سهولتڪارن ذريعي مداخلت ڪري جمهوريت جو قتل ڪيو ويو.

هڪ بيان ۾ گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن پڌرائين ۾ پرڏيهي سازش جي تصديق کانپوءِ شڪ جي گنجائش ناهي رهي.

هن جو چوڻ هو ته پرڏيهي سازش ذريعي جمهوريت، آئين ۽ قانون جو قتل ڪيو ويو، پرڏيهي سازش ۾ اندروني سهولتڪارن ذريعي پارليمان جي بالادستي ڊانوا ڊول ڪئي وئي، اها ئي واردات پنجاب ۾ ورجائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

عمر سرفراز چيما چيو ته آئين، قانون ۽ سياسي تاريخ جي روشني ۾ ان جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته عدليا، پارليمينٽيرينز ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار ان بحران ۾ انتهائي اهم آهي، عدليا، پارليمنٽيرينز ۽ سياسي پارٽين جو عمل قوم اڳيان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.