ميڊرڊ اوپن: نوجوان رانديگر عالمي نمبر هڪ جوڪووچ کي ٻاهر ڪري ڇڏيو

 

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) ميڊرڊ اوپن ۾ اسپين سان واسطو رکندڙ 19 ورهين جي ڪارلوس الڪاراز وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو.

ڪوارٽر فائنل ۾ رافيل نڊال کي هارائڻ کانپوءِ ڪارلوس الڪاراز سيمي فائنل ۾ عالمي نمبر هڪ نوواڪ جوڪووچ کي به شڪست ڏئي ڇڏي.

ميڊرڊ اوپن جي سيمي فائنل ۾ رائزنگ اسٽار ڪارلوس الڪاراز ۽ جوڪووچ وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو.

پهريون سيٽ جوڪووچ ٽاءِ بريڪر تي کٽيو پر ايندڙ سيٽ ۾ ڪارلوس 5-7 جي ڪاميابي سان مقابلو برابر ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ فيصلائتي سيٽ ۾ به زبردست مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڪارلوس ٽاءِ بريڪر تي فتح سان فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.