ماڊل فائزا خان جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان چوري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا فائزا خان جي پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏي مان بيگ چوري ٿي ويو.

فائزا خان انسٽاگرام اسٽوري ۾ پنهنجي گاڏي جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن جا شيشا ٽٽل هئا.

ماڊل ٻڌايو ته ڪراچي جي سمنڊ تي ان سان ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، ڪنهن پارڪنگ ۾ موجود ان جي گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ۽ گاڏي اندارن ان جي بيگ چوري ڪئي وئي.

هن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هزارن جي انگ ۾ ماڻهو عيد جون موڪلون گذارڻ لاءِ سمنڊ تي موجود هئا، اتي ڪنهن قسم جي سيڪيورٽي ناهي.

فائزا خان چيو ته مان شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي آهي پر مان اپيل ڪرڻ چاهينديس ته پنهنجو قيمتي سامان پنهنجي گاڏين ۾ نه ڇڏيو، عوامي هنڌن تي پنهنجي سامان جي حفاظت پاڻ ڪريو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.