مدرز ڊي تي شوبز ستارن جا مائرن لاءِ محبت ڀريا پيغام

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مائرن سان محبت جي اظهار جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ان ڏينهن جي مناسبت سان سوشل ميڊيا تي به مائرن سان محبت جي اظهار لاءِ خوبصورت تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون ويون، جتي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتن مائرن سان محبت جو اظهار ڪيو، اتي ئي شوبز سان واسطو رکندڙ شخصتون به پوئتي نه رهيون.

پاڪستاني اداڪارا ايمن خان مدرز ڊي جي موقعي تي امڙ ۽ ڌيءُ جي ڪيڪ ڪٽيندڙ هڪ ننڍي وڊيو شيئر ڪندي ان سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ زندگي ۾ رستو ڏيکارڻ تي ماءُ جا ٿورا مڃيا.

اداڪار عديل چوڌري ماءُ سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ امڙ جي محبت کي دنيا جي خالص ترين محبت چوندي ان کي مدرز ڊي تي مبارڪ پيش ڪئي.

بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انسٽاگرام تي پنهنجي امڙ سوني رازدان ۽ سس نيتو ڪپور سان هڪ سيلفي شيئر ڪندي مائرن کي عالمي ڏينهن تي مبارڪ ڏني. عاليا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته”منهنجون خوبصورت مائرون“.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.