رات جو ڪيترا ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي؟

 

ننڊ زندگي لاءِ تمام ضروري آهي پر سوال اهو آهي ته انسان کي رات جو ڪيترا ڪلاڪ سمهڻ گهرجي؟

ان جو جواب اهو آهي ته ننڊ جو دورانيو نه گهٽ هجڻ گهرجي ۽ نه گهڻو، گهٽ ۾ گهٽ وچولي عمر ۽ ڪراڙپ ۾ اهو خيال رکڻ ضروري آهي.

هڪ نئين تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته 7 ڪلاڪن جي ننڊ رات جي آرام جو مثالي دورانيو آهي، جڏهن ته اڻ پوري ۽ گهڻي ننڊ سان ڪنهن شئي تي ڌيان ڏيڻ، ياد رکڻ، نيون شيون سکڻ، مسئلا حل ڪرڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جهڙين صلاحيتن تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

چين جي فوڊان يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 7 ڪلاڪ ننڊ انسان جي ذهني صحت کي بهتر بڻائي ٿي.

ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ يا وڌيڪ وقت تائين سمهڻ وارا بدترين علامتن کي رپورٽ ڪندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.