ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته هن ڀيري طالبان هاڪاري سوچ سان آيا آهن.
شاهد آفريدي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو ميڊيا جي نمائندن سان گفتگو دوران افغانستان بابت ڳالهائي رهيو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هو چئي رهيو آهي ته هن ڀيري افغانستان ۾ طالبان هاڪاري سوچ سان آيا آهن.
شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته اهي شيون اسان کي اڳ ۾ نظر نه آيون پر هاڻ تمام سٺيون شيون نظر اچي رهيون آهن، جيئن عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ۽ کين سياست جي اجازت آهي.
سندس چوڻ هو ته طالبان ڪرڪيٽ کي به سپورٽ ڪري رهيا آهن، ڇو ته هو ڪرڪيٽ کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن.