وزيراعظم جو هنزا ۾ ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدم کڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف شيشپر گليشيئر تي ٺهندڙ ڍنڍ جي ڦاٽڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عوام جي جان ۽  مال جي حفاظت ۽ محفوظ هنڌن تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي.

هن متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري سامان پهچائڻ، جڏهن ته وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان حڪومت جي ڀرپور مدد جو حڪم به ڏنو اهي.

گڏوگڏ شهباز شريف نقصان ۽ متاثر عوام جي حوالي سان رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.

واضح رهي ته هنزا جي علائقي حسن آباد ۾ گليشيئر ۾ ٺهندڙ ڍنڍ مان خارج ٿيندڙ پاڻي تباهي آڻي ڇڏي آهي.

علي آباد شهر ۽ حسن آباد ڳوٺ ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته بجلي گهر به متاثر ٿيا آهن.

حسن آباد پل ڪرڻ سان قراقرم شاهراهه جو هڪ حصو متاثر ٿيو آهي ۽ پل کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.