تحريڪ انصاف جو اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف مارچ جو اعلان ڪندي ئي اسلام آباد سميت وڏا شهر جام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.

حڪومت مخالف لانگ مارچ لاءِ تحريڪ انصاف پنهنجو پلان فائنل ڪري ورتو آهي، سڄي ملڪ مان لکين ماڻهن کي اسلام آباد آڻڻ ۽ وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي حڪمت عملي به تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب عمران خان جو پيغام پارٽي اڳواڻن تائين پهچايو ويو آهي، لانگ مارچ جو اعلان ٿيندي ئي مختلف شهرن کي جام ڪيو ويندو، ان حوالي سان وڏن شهرن جي بندش لاءِ پوائنٽون طئي ڪيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن کي گرفتاري کان بچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي پر گرفتارين جي صورت ۾ بيڪ اپ پلان تي عمل ٿيندو.

ذريعن موجب مرڪزي اڳواڻن جي گرفتاري جي صورت ۾ متبادل قيادت ڪارڪنن کي لانگ مارچ ۾ گائيڊ لائين ڏيندي ۽ گرفتارين خلاف احتجاج به ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.