موسميات کاتي سنڌ ۾ گرميءَ جي حوالي سان خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ميداني علائقن ۾ موسم اڄ شديد گرم رهي، جڏهن ته سنڌ ۾ گرمي جي لهر وڌيڪ هڪ هفتي تائين رهي سگهي ٿي.

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته گرمي جي لهر سبب پنجاب، اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گرمي پد 7 کان 9 ڊگري تائين وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گرمي پد 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌي سگهي ٿو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ 48 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي جيڪب آباد ۽ دادو ۾ رڪارڊ ڪئي وئي.

طبي ماهرن شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منجهند جو بنا ضرورت گهران نه نڪرو، مٿو ڍڪي رکو، هلڪا ڪپڙا پهريو، پاڻي وڌيڪ پيئو ۽ هلڪي غذا کائو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.