وزيراعظم، نسرين جليل کي سنڌ جي گورنر مقرر ڪرڻ لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ نسرين جليل کي سنڌ جي گورنر طور مقرر ڪرڻ لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي.

ذريعن موجب شهباز شريف نسرين جليل کي گورنر بڻائڻ لاءِ سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان سنڌ جي گورنر لاءِ وزيراعظم کي 5 نالا تجويز ڪيا ويا هئا، جن ۾ نسرين جليل، عامر خان، عامر چشتي، وسيم اختر ۽ ڪشور زهرا شامل هئا.

واضح رهي ته سمري جي منظوري جي صورت ۾ نسرين جليل سنڌ ۾ تقريبن اڌ صديءَ کانپوءِ پهرين عورت گورنر هوندي.

ان کان اڳ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهرواري رعنا لياقت علي خان 1973 کان 1975 تائين سنڌ جي گورنر رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.