ماءُ جي عظمت

ماءُ، محبت، شفقت، عنايت، عظمت ۽ رحمت جو ٻيو نانءُ آهي، جنهن جي نالي ۾ مصري کان وڌيڪ مٺاس ۽ بي انتها پيار رکيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ جنم وٺندڙ هر ٻار جي زبان تي پهريون لفظ ماءُ جو هوندو آهي. ماءُ اها عظيم هستي آهي، جيڪابي لوث ۽ بي غرض پيار ڪندڙ آهي، جيڪا پنهنجي اولاد جي مٿان ذري به تڪليف، ڏک، ايذاءُ برداشت ناهي ڪندي. جيڪا هر حال ۾ اولاد کي قبول ڪري ٿي. ماءُ جي عظمت جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ماءُ پنهنجي هر ٻار، پوءِ اهو بيمار هجي، معذور هجي، روزگار سان هجي يا بيروزگار هجي، فرمانبردار هجي يا نافرمان هجي، ان سان ساڳيو پيار ڪندي آهي ۽ جنهن جي پيار ۾ ڪو فرق نه ايندو آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ٻيائي، ڪا لالچ نظر ايندي آهي مطلب ته ماءُ ۽ ماءُ جي پيار کانسواءِ هيءَ ڪائنات نامڪمل آهي. اهوئي سبب آهي جو خدا پاڪ جي انيڪ نعمتن مان افضل ترين نعمت ماءُ ئي آهي.

ماءَ جي عظمت، مان ۽ تقدس اسان کي دنيا جي هر مذهب ۽ مذهبي ڪتابن ۽ دنيا جي عظيم شهپارن ۾ به چٽي نموني ملي ٿو. پوءِ اهو عظيم ۽ الهامي ڪتاب قرآن هجي يا توريت هجي، زبور هجي يا انجيل هجي، يا ڪو مذهبي ڪتاب هجي، جيئن حضور پاڪ ﷺ جو ماءُ بابت فرمان آهي تهجنت ماءَ جي قدمت هيٺان آهي.“

اسان ان تي ٿورڙو غور، فڪر ڪريون ته جيڪڏهن ماءُ جي پيرن ۾ جنت آهي ته ماءُ جي پوتر پيشاني  ۾ ڇا هوندو. ماءُ جي معصوم ۽ نماڻين اکڙين منجهه ڇا هوندو. ماءُ جي نرم، نازڪ، پوڙهن ۽ جور هٿڙن، جيڪي هميشه دعائن لاءِ اٿندا آهن، انهن ۾ ڇا هوندو. ماءُ جي پاڪ سيني ۽ محبت سان ٽمٽار هنج ۾ ڇا هوندو. مطلب ته ماءُ جو لفظ کڻڻ، اچارڻ ۽ ماءٌ جو تصور ڪرڻ سان ڄڻ تحفظ ۽ پناهه جو پورو پورو احساس ٿيندو آهي ته هڪ عظمت جي ديوي آهي، جيڪا اسان لاءِ هر وقت ۽ هر گهڙي قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي ۽ اها پڻ پڪ هوندي آهي ته اسان جي پويان هڪ اهڙي هستي آهي، جيڪا اسان جي زندگيءَ جي ڪاميابين ۽ خوشين لاءِ هر وقت فڪرمند رهي ٿي ۽ الله پاڪ جي آڏو جهولي جهلي دعائون گهري ٿي ۽ جنهن جي دعائن سان مصيبتون ۽ مشڪلاتون هٽي وڃن ٿيون. ڪنهن عظيم شاعر جو سٽون آهن تهجڏهن چوڌاري دنيا مون کي ڀورا ڀورا ڏسڻ ۾ ايندي آهي ۽ بيوقوف ماڻهو مونکي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته، او منهنجي مٺڙي امان! ان وقت رڳو مونکي اوهان جو مسڪرائيندڙ چهرو ياد ايندو آهي.“

جمشيد مهتا پنهنجي ڪتاب ۾ ماءُ بابت لکي ٿو تهاها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ماءَ جيڪڏهن جيئري اکين جي آڏو ناهي ته به مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسين مرتئي کان پوءِ به سندس ٻهڪندڙ چهرو ذهن ۽ دل ۾ اڪاري سگهون ٿا۽ اهو پڻ چيو اٿائين تهسچ پڇو ته خوشين جي بادشاهيءَ ڏانهن فقط هڪڙي راهه وڃي ٿي، اها راهه هن منتر ۾ آهي،مٺڙي امڙ اسين تنهنجا آهيون. “

دنيا جي تاريخ جا ورق اٿلائي پڙهنداسين ته اسان کي مائرن جا اهي عظيم، اڏول، بهادر، باغي، بيباڪ ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙ ۽ اڻٿڪ عظيم ڪردار نظر ايندا آهن، جن مائرن نه صرف وطن، قوم، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي نجات ۽ آزاديءَ لاءِ ويڙهه ڪئي بلڪه انهن پنهنجي ڪک مان اهڙا ته باغي ۽ انقلابي فرد پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي قومي وجود جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ ويڙهه ڪري قربان ٿي ويا، اهڙن انقلابي ۽ باغي فردن لاءِ اياز چيو آهي ته :

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي،

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،

جا ماڻهن کي جاڳائي ٿي،

جا دنيا کي بدلائي ٿي.

مائرن جي اهڙي انقلابي ڪردار کي مد نظر رکندي روس جو عظيم ليکڪ ۽ ناولسٽ مئڪسم گورڪي بهماءُجهڙو هڪ عظيم ۽ انقلابي ناول لکڻ تي مجبور ٿيو، جنهن روس جي ادب ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اهي مائرن جا عظيم ڪردار ۽ عظيم ڪارناما ئي آهن، جن جي سائين ڪکن مان دنيا جا عظيم، رهبر، شاعر، فلاسافر، دانشور، مفڪر، قومي ۽ عوامي ليڊر، سياستدان ۽ سائنسدان پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ، دانائي ۽ جدوجهد جي ذريعي پنهنجي ماڻهن جي تدبير ۽ تقدير بدلائي ڇڏي آهي. دنيا جي وڏن ۽ عظيم شاعرن به پنهنجي شاعري ۾ جتي گهڻن موضوعن کي ڳايو آهي، اتي ماءُ جهڙي عظيم ۽ اهم موضوع کي ڇهيو آهي، جيئن اسان مسڪينيءَ جي رهبر ۽ انقلابي شاعر شاهه لطيف به پنهنجي شاعريءَ جي ڪافي سُرن ۾ ماءُ جو ذڪر انتهائي محبت واري انداز ۾ ڪيو آهي. جيئن سر سسئي ۾ شاهه صاحب ماءُ سان هن انداز ۾ مخاطب آهي ته :

ماءُ وهاڻو وار کڻ، پٿرائي ئي پنهنجي،

جيڪي ڏين ڏيج ۾، سو سڀو ئي سار،

وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.

سر سسئي کان علاوه شاهه صاحب سر سامونڊيءَ ۾ ماءُ جو ذڪر هن انداز ۾ ڪري ٿو ته :

وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليئي،

آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنڀرين.

مطلب ته شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻين موضوعن سان گڏوگڏ ماءُ جو ذڪر به تمام گهڻي انداز ۾ ڪيو آهي، هڪ هنڌ ته شاهه سائين پنهنجي ماءُ سان اندر جو سور ۽ تڪليف جو اظهار ڪري ٿو. جڏهن شاهه مجاز جي چوٽ لڳڻ کانپوءِ مجاز جي ٻنيءَ ۾ پچي ويٺو آهي، ان پچڻ ۾ شاهه صاحب ڪيتري ڪرب ۽ ايذاءُ مان گذريو آهي، ان جو احوال پنهنجي امڙ سان هن انداز ۾ ونڊي ٿو ته؛

مونکي ماءُ مجاز، پڃاري جيان پڇيو.

دنيا جي عظيم مائرن مان هڪ عظيم ماءُ جنهن جي عظمت جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته اها عظيم ماءُ جيڪا ذاتي اولاد نه هجڻ جي باوجود به دنيا ۾ ماءُ جو لقب ماڻي چڪي آهي. اها عظيم ماءُ آهيمڌر ٽيريساجيڪا دنيا جي سمورن ڏکويلن، ستايلن، مظلومن، محتاجن، غريبن، مسڪينن، يتيمن، بيواهن ۽ اٻوجهن جي ماءُ آهي. جنهن چيو آهي تههيءَ دنيا رڳو ماني ڳڀي جي گهرجائو ناهي، پر هن دنيا ۾ سڀ کان وڏي گهرج انسان لاءِ پيار جي آهي.“ اهڙي عظيم عورت جي عظيم لفظن ۾ به هڪ عظيم ماءُ جي ممتا جي پيار جي خوشبو جو پورو پورو احساس ٿئي ٿو. اڃان به ان عظيم ماءُ جهڙي پيار بابت چوي ٿي تهانسان کي ان جي اڻاٺ نه بلڪه پيار جو ڏڪر ماري ٿو.“

هڪ ڀيري ڪنهن صحافيءَ مڌر ٽيريسا کان پڇيو تهاوهان کي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز ڪهڙو محسوس ٿيو؟ صحافي اهو سمجهيو ته هوءَ نوبل پرائيز جو ذڪر ڪندي، ڇو ته مڌر ٽيريسا کي امن جو نوبل انعام مليل هو، پر هن صحافيءَ کي چيو ته، منهنجي لاءِ دنيا ۾ سڀ کان وڏو اعزاز ماءُ جو لقب آهي.“ اهڙي عظيم انقلابي سوچ رکندڙ ماءُ لاءِ نيپولين بوناپاٽ چيو ته توهان مونکي سٺي ماءُ ڏيو ته مان توهان کي سٺي قوم ڏيان. دنيا جي عظيم ڊراما رائيٽر شيڪسپيئر ماءُ لاءِ چيو تهانسان لاءِ دنيا ۾ پهرين تعليم گاهه ۽ تربيت گاهه ماءُ جي هنج آهي.“ محسن انسانيت آخر زمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن ماءُ جي خدمت، اطاعت ۽ خوشنوديءَ کي جنت جو حاصل قرار ڏنو آهي. الهامي ڪتاب قرآن پاڪ ۾ به ماءُ بابت چيو ويو آهي تهپنهنجي والدين تي احساس ڪريو.“ ان کان علاوه اهو پڻ تاڪيد ڪيو ويو آهي تهماءُ پيءُ کي اف به نه چئو.“ اخلاق اهو آهي ۽ اهو سچ به آهي ته جيئن جيئن والدين پوڙها ٿيندا آهن، تيئن تيئن اولاد کي به فرمانبردار ٿيڻ گهرجي.

ماءُ جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو تهچيو ويندو آهي ته اولاد اڌ يتيم تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن پيءُ گذاري ويندو آهي پر اولاد مڪمل يتيم تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ماءُ گذاري ويندي آهي.“ مطلب ته ماءٌ هڪ سدا سائو اهڙو وڻ آهي، جنهن جي ٿڌڙي ڇانو جي ٿڌاڻ ڪڏهن جنم ناهي ٿيندي. ماءُ اهو ڏيئو آهي ، جيڪو ٻاٽ ۾ لاٽ مثل هوندو آهي. جنهن جي ورشني انڊلٽ جي خوبصورت رنگن کان به وڌيڪ خوبصورت  ۽ رنگين آهي. ماءُ محبت ۽ چاهت جي آسمان تي اهو چمڪندڙ ستارو آهي، جنهن کي چوڏهينءَ جو چنڊ به جهڪائي نٿو، ماءُ جي خواهشن ۽ ضرورتن جو خيال رکيو وڃي. ماءُ جي عزت ڪرڻ وارن جي آخرت ۽ دنيا ٻئي سنوارجي وينديون آهن، ماءُ اهڙي هستي آهي، جنهن سان حسن سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جو مذهب جيڪو دين فطرت آهي، اهو دين فطرت به ماءُ جو درجو سڀني کان بلند مقرر ڪيو ويو آهي. ماءُ جي چپڙن مان نڪرندڙ دعائون وٺجن، جن ۾ انسان جي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جا راز پڻ رکيل آهن.

پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم،

ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم،

منهنجي امڙ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.