ماحول دشمني ۽ اسان جو مستقبل

يوسف سيف

هن وقت دنيا جي اهم مسئلن ۾ ماحوليات سڀني کان مٿي اچي ويو آهي. پر سموري دنيا ان کي هنگامي بنيادن تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪا به جوڳي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو قدرتي ماحول جي ان چرغي جي توازن ۾ بگاڙ پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ صنعتي ملڪ اهم آهن، جيڪي هن پاسي گهربل ڌيان ڏيڻ نٿا چاهين، جيتوڻيڪ ماهر وقت بوقت عالمي سطح تي ميڙاڪا ڪري اهو ٻڌائي رهيا آهن، پر سرمائيدار ملڪ پنهنجي هوڏ تي قائم آهن، جنهنڪري ان تي سست رفتاري سان ڪم ٿي رهيو آهي.

چيو ٿو وڃي ته صنعتي دور جي شروع ٿيڻ سان ئي انسان ماحول جي تباهي جو دروازو کولي ڇڏيو هو، جنهن کي ڪو به بند ڪرڻ وارو نه آهي.

ماحول جي تباهي گهڻ رخو موضوع آهي، سادن اکرن ۾ ان جو مطلب هي آهي ته جيڪو ڪجهه هن وقت وهي واپري پيو ان سان زمين جي سطح گرم ٿي رهي آهي.فضا ۾ به غيرمعمولي گدلاڻ موجود آه، سمنڊ جي اندر بگاڙ جي ڪري اتي آبي حياتي خطري هيٺ آهي،زمين جي پيداواري صلاحيت ختم ٿي رهي آهي.ان سموري ڳالهه کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪندي ٻڌايو ويو آهي پاڻ سڀ گلوبل وارمنگ جي اثر هيٺ آيل آهيون.جنهن جو  مطلب اهو آهي ته گرمي وڌڻ ڪري انسانن جي هن واحد گولي تي موجود ننڍي توڙي وڏي جاندار جي حياتي اڳي يا پوءِ خطري ۾ اچي وئي آهي.

زمين جي تپش روڪڻ جي لاءِ پهرين ڏس اهو ڏنو ويو آهي ته وڻن جو تعداد وڌايو وڃي،هڪڙو عام اصول جوڙيو ويو آهي ته زمين جي ڪل ايراضي جي 25 سيڪڙو علائقي تي ٻيلا،وڻ يا ساوڪ هئڻ گهرجي، پاڪستان ۾ سراسري طور تي وڻن 2 سيڪڙو کان به گهٽ آهن.ماحول جي جڏهن به ڳالهه نڪرندي آهي ته دنيا ۾ انسانن جي تيزي سان وڌندڙ آبادي به ان جي دائر ي ۾ ايندي آهي، هڪ اندازي موجب ٻڌايو وڃي ٿو ته هن وقت دنيا جي ڪل آبادي ساڍن ستن اربن کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي، جنهن جو نه رڳو هن ڌرتي تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي پر ان سان هر وسيلن تي ان جو اثر پئجي رهيو آهي.جنهن سبب خوراڪ،پاڻي ۽ ٻيا وسيلا متاثر ٿي رهيا آهن.

هن ڪائنات ۾ تاحال واحد گهر ڌرتي ئي آهي، جنهن جي تي تباهي جي سامان ۾ صنعتي گدلاڻ،گاڏين جو ٻارڻ،زرعي داوئون ۽پلاسٽڪ وغيره جو استعمال وڌيڪ اهم  آهن،نتيجي ۾ گرمي جي پد وڌڻ سان گليشئرز تيزي سان ڳري يا پگهري رهيا آهن،ان سان ٻوڏن،سمنڊ جي سطح وڌڻ،طوفان اچڻ يا آفتن اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.تازي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪي پي ڪي صوبي ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪل 2500 کن گلشيرز آهن، جن مان 5 گليشرز هن ڀيري اپريل جي مهيني ۾ ئي ڳري ويا آهن، اتي پاڻي ڍنڍن جي صورت ۾ وٺڻ بعد اهو هيٺ لهي ويو آهي. ان کي ڍنڍن جو ٽٽڻ چيو وڃي ٿو. هن کان اڳ اهو سلسلو جون ۾  شروع ٿيندو هو. علائقي جي ماحول تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن مان 16 هنڌ اهڙا آهن جتي جلدي ۾ گلشيرز پاڻي ۾ صورت وٺي ڪري، ڊهي يا انهن جي ڇپن ڪرڻ جو امڪان آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن خطي ۾ هن ڀيري 5 ڊگري گرمي پد وڌيڪ ٿيڻ ڪري اهو ڦيرو آيو آهي. چيو ٿو وڃي ته 1961 کان پوءِ هي انتهائي غير معمولي علامت آهي.ماهرن موجب هتي ڪاٺين جو ٻارڻ گليشرز جو قاتل آهي،ان سان گڏ علائقي ۾ انساني ۽ مشيني سرگرمين وڌڻ به ان جو هڪ سبب آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اها صورتحال رهي ته ٻه ڀاڱي ٽي گليشرز ختم ٿي ويندا.

هن وقت موسميات کاتي وارن هڪڙو الرٽ جاري ڪيو آهي ته ايندڙ هفتي ملڪ ۾ گرمي پد 6 کان 9 ڊگري وڌڻ جو امڪان آهي،جنهن جو رواجي حياتي تي اثر پوندو،جنهنڪري ماڻهن کي گرمي جي اثر کان بچڻ جي لاءِ گهرن تائين محدود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاڻي وڌيڪ واپرائڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ماحول جي پيدا ٿيل بگاڙ جي ڪري دنيا حقيقي طور خطري هيٺ اچي وئي آهي،ماهرن خبردار ڪيو آهي ته تپش سان سموري حياتي تي اثر ٿي رهيو آهي،فصل جي اپت گهٽجي ويندي،زمين جي پيداراري صلاحيت ختم ٿي رهي آهي،ان  ۾ پالاسٽڪ جو استعمال اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.پلاسٽڪ سموري دنيا ۾  گذريل 70 سالن کان استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جا سنگين نتيجا هاڻي انسان کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن.جن ملڪن ۾ فُضلي يا گدلاڻ کي ناس ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ناهي اتي ان جو وڌيڪ خراب نتيجو ظاهر ٿي رهيو آهي، جيئن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ پلاسٽڪ زمين جي تهه مٿان چڙهي وڃڻ جي ڪري ان جي هوا بند ڪري رهيو آهي، سمنڊ جي اندر آبي جاندار جي خوراڪ ۾ شامل ٿي ڪري ان جي نسلن کي ناس ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.ساڙڻ جي صورت ۾ فضا ۾ ويندڙ دونهين اتي هاڃڪار تهه جوڙي رهيو آهي،جيتوڻيڪ سموري دنيا ۾پلاسٽڪ جي استعمال ۽ ان کي ختم ڪرڻ بابت ڪي قانون جوڙيل آهن پر ان تي عمل گهٽ ئي نظر اچي ٿو، ساڳي صورتحال اسان وٽ آهي جتي اها پابندي نالي ماتر آهي، ان کي ڪو به سنجيدگي سان محسوس ڪرڻ ئي نٿو چاهي.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جي اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته پوءِ سمنڊ ۾ مڇي نه هوندي بلڪه ڪجهه وقت بعد اتي رڳو پلاسٽڪ هوندو.

سرڪار کي فوري طور تي ماحوليات کي تعليمي نظام جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي جنهن سان دنيا ۾ ماحول جي تحفظ بابت ٿيندڙ جديد تحقيق به هت اچي سگهي. سرڪار کي هن اهم معاملي تي سنجيدگي سان ويچارڻ ۽ ماحول دوست سرشتي واري طرف وڌڻ گهرجي ٻي صورت ۾ دنيا کي تباهه ڪندڙن ۾ اسان به ان جو حصو ٿي رهيا آهيون، جيڪو اخلاقي طور تي هڪ وڏو ڏوهه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.