ڪڻڪ جي سرڪاري ڪوٽا بند، اٽو 300 رپيا مڻ مهانگو

لاهور (م ڊ) فلورملن اٽي جون قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن. جنهن کان پوءِ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1250 روپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان فلورملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند آهي. مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون ان لاءِ اٽي جون قيمتون وڌائڻيون پونديون آهن. هن چيو ته نئين ڪڻڪ 2300 روپيه مڻ ملي رهي آهي. جڏهن ته گذريل سال قيمت 1800 روپيه هئي ته اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو هو، ٻئي طرف نان بائي ايسوسيئيشن موجب اڃان تائين ماني جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو ناهي ٿيو. اهڙا فيصلا ضلعي انتظاميه ڪندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.