آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ئي مسئلن جو حل آهن: حمزا شهباز

فيصل آباد(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز چيو آهي ته عمران خان اهو ماڻهو آهي جنهن آپگهاتي جيڪٽ پاتي آهي ۽ هو آئين تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو. هن 4 سالن ۾ نئون پاڪستان ته نه ٺاهيو پر پراڻي جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، عام چونڊ ئي مسئلن جو حل آهي، ان ڪري ايندڙ وقت ۾ جڏهن به چونڊ سڌارا ٿيا ته فوري طور تي اتحادي پارٽين ۽ سڀني جمهوري قوتن جي مشاورت سان آزاد، منصفاڻي، شفاف ۽ غير جانبداري چونڊ ڪرائي ويندي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ گهرو ويڙهه چاهين ٿا، پر انهن کي ان ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شير علي جي رهائشگاهه آمد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عمران خان جي اشاري تي پنجاب جي گورنر مسلسل پنهنجي غير قانوني حرڪتن ۾ مصروف ۽ قانون ۽ آئين کي لتاڙيو، اهوئي سبب آهي ته ان جي غير جمهوري قدمن سبب ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب هڪ مهيني تائين جمهوري سربراهه کانسواءِ رکي تماشو لڳايو ويو پر اسان ان جو مقابلو سياسي ميدان ۾ ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.