هالاڻيءَ ۾عورت گوليون هڻي قتل

ھالاڻي (رپورٽ: اعجاز خاصخيلي)ھالاڻي جي ڏٻر محلي ۾ مڙس جي آپگهات کان پوءِ ڏير سان شادي ڪندڙ 35 سالن جي سڪينا سولنگي کي گھر اندر گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.ٻڌايو ُڃي ٿو ته مارجي ويل عورت  پنهنجي مڙس کان الڳ رهندي هئي.پوليس عورت جو لاش ڪنڊيارو اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ مقتول سڪينا سولنگي جي سهري جو چوڻ آهي ته سڪينا ۽ سندس مڙس وچ ۾ ڪيترن ڏينھن کان جھيڙو ھلندڙ ھو، ھن مون کي ۽ پاڙي وارن کي ڪيترائي دفعا شڪايتون ڪيون ته مون کي منھنجي مڙس مان خوف ٿي پيو آهي ته ھو مون کي قتل ڪندو. ٻئي پاسي اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته مارجي ويل عورت ڪجهه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد سندس مڙس آپگهات ڪري ڇڏيو، ٿوري عرصي بعد هن کي پنهنجي ڏير ولي محمد سولنگي سان پرڻايو  ويو، جيڪو ساڻس گڏ نه رھندو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.