وزيراعظم جي عمري ادائگي خلاف داخل درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سعودي عرب ۾ سرڪاري خرچ تي عمرو ادا ڪرڻ خلاف وزيراعظم جي وفد جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.عدالت درخواست گذار جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ سعودي عرب حڪومت جي خرچ تي عمري جي ادائگي خلاف سماجي ڪارڪن سيد محمود اختر نقوي جي درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. عدالت پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو ته درخواست گذار متاثر فرد ناهي، ان ڪري کيس معاملي ۾ مداخلت جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي، درخواست صرف ميڊيا رپورٽن تي ٻڌل آهي ان لاءِ ڪو به صحيح دليل ناهي. ان کان اڳ درخواست گذار پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سرڪاري خرچ تي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو هو، وفد ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي شامل ڪرڻ عوامي پئسي جوضايع  آهي. استدعا آهي ته وفد جي خرچن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ وزيراعظم کي حڪم جاري ڪيو وڃي ته وفد جي سعودي عرب وڃڻ جا خرچ ادا ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.